پير آغا عبدالله جان سرهندي

پير، آغا عبدالله جان سرهندي: پير عبدالله جان عرف ”شاهه آغا“ ولد خواجه محمد حسن جان سرهندي تاريخ 8 جمادي الاول سن 1305هه مطابق 22 جنوري 1888ع تي ڳوٺ ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڏاڏي حضرت خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ کان ورتائين. ان بعد باقاعدي ديني تعليم مولوي عبدالقيوم بختيار پوريءَ، مولوي لعل محمد مٽياروي، مخدوم حسن الله پاٽائي ۽ آخر ۾ مولوي خير محمد مگسيءَ وٽ پوري ڪري علمي تحصيل ڪيائين. ان کان پوءِ انگريزيءَ ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪيائين ۽ گڏوگڏ علم طب جو به مطالعو ڪيائين، کيس شاعريءَ سان به شغف هو ۽ ”شائق“ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺينءَ ريت آهي: (1) انتخاب مڪتوبات شريف (فارسي)، (2) اربعين مڪتوبات (فارسي)، (3) مونس المخلصين (فارسي)، (4) حفظ حديث (فارسي)، (5) هداية الحج (سنڌي)، (6) راحة القلوب (سنڌي)، (7) راحة المخلصين (سنڌي)، (8) الارشاد، شرح بانت سعاد (سنڌي)، (9) احسن الوسائل في تحقيق المسائل (سنڌي)، (10) مخزن العلوم (سنڌي)، شرح ڪافيه (عربي)، (11) تعريف الامراض ۽ تفريق الامراض ۽ (12) برگ سبز ( فارسي).پير عبدالله جان سرهندي ٽنڊي سائينداد جي حريت پسند عالمن مان هڪ هو. جڏهن ”خلافت تحريڪ“ شروع ٿي، ته ان ۾ شرڪت ڪيائين ۽ ائين سندس سياسي زندگيءَ جي ابتدا ٿي. انگريزن جڏهن هن تحريڪ کي ناڪام بنائڻ لاءِ ”امن سڀا“ قائم ڪرائي ته خلافتي عالمن ان جي مخالفت ۾ فتوائن جو سلسلو شروع ڪيو. پير صاحب خلافتين سان ساٿ ڏيندي، سندن جاري ڪيل ڪيترين فتوائن جي تصديق نه ڪئي، هن ”خلافت تحريڪ“ جي جلسن ۾ شريڪ ٿي انگريزن خلاف ڀرپور حصو ورتو. خلافت جي خاتمي کان پوءِ پير صاحب ”جميعت العلماء“ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جي جلسن ۾ شريڪ ٿي، وطن جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. آغا عبدالله جان، تاريخ 3 ربيع الاول 1393هه/ 7 اپريل 1973ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو